اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان ڪڍڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته سڀني پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستانين جي سوڊان مان حفاظت سان وطن واپسي تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستانين جي واپسي جي آپريشن ۾ شريڪ آءِ ايس آءِ سميت سڀني فورسز کي خراج تحسين به پيش ڪيو. وزيراعظم 847 پاڪستانين جي حفاظت سان سوڊان جي بندرگاهه پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ??يو ۽ 107 پاڪستانين جي جده پهچڻ تي خوشي جو اظهار ??يو. وزيراعظم جده ۾ سرڪاري رهائش ۽ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پاڪ فضائيه جي انتظامن کي به س??راهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سوڊان ۾ پاڪستاني سفير مير بهروز ريگي، هيڊ آف چانسلري محمد سعيد، ڊفينس اتاشي ڪرنل محمد هارون، ڪمرشل اتاشي عطاءُ الله کي به خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي محمد بلال شفيق ۽ راشد خان کي به خصوصي شاباس ڏني. وزيراعظم ٽيم کي هدايت ڪئي ته سوڊان مان سڀني پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکن.