اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس ج?? پريس ونگ موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس ج?? پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس ج?? پرڏيهي وزير جي آ??يا?? ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس ج?? پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس ج?? 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم ??سلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آ??يا?? ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس ج?? صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.