اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج جي سع??دت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان ??موري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران ??يڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ??ن جو عظيم اجر ??ين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان ??مورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي حج جي عظيم سع??دت سان نوازي ۽ اسان ??ڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان ??عا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان ??ي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.