اس??ام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ??ار??ي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اس??ام آباد ۾ ??ار?? جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ??ار??ي حڪومت ??ار??ي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ??ار?? جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آهن، بيان موجب پاڪستان ??ار??ي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۽ ??ار?? هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.