ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪيو ۾ جاپاني وزيراعظم فوميو ڪيشيڊا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ هن جاپاني وزيراعظم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻ??هي اڳواڻن ملاقات ۾ مختلف ش??بن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کا?? اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيماسا حياشي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کا?? 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.