اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حاف?? آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪاميابي ج?? ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي و??ولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪاميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حاف?? آباد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪاميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪاميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪاميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي و??جهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ ش??باس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي و??زن محسن علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ڪاميابي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي و??زن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.