اسلام آباد-19 جو??اء?? (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته اعظم خا?? سائفر سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ، ذاتي تحويل ۾ رکڻ تي رياست جي مدعيت ۾ فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ شاهه محمود قريشي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو، سڀ کان پهريان ڳجهو دستاويز ان شخص جي قبضي مان هٿ ڪيو ويند??، ملڪ کي ڪنهن حادثي جو شڪار ڪندڙ جٿو پاڻ حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اعظم خان شق 164 ۽ شق 161 تحت پنهنجو تفصيلي بيان مئجسٽريٽ آڏو رڪارڊ ڪرايو آهي. سائفر معاملي ۾ لاڳاپيل سفير، پرڏيهي سيڪريٽري جي شامل هجڻ جون شاهديون ناهن مليون. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته فتني خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جو اقبالي بيا?? سامهون آيو آهي، اهو بيان فتني خلاف فردِ جرم آهي، ان بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اصل مير جعفر ڪير هو، ان شخص ذاتي مفادن خاطر ملڪ جي مفادن کي داءُ تي لڳايو ۽ ملڪ جي ادارن خلاف سازش ڪئي. هن شخص ملڪي مفادن کي مجروح ڪندي ملڪي معيشت کي برباد ڪيو ته ٻئي پاسي پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهچايو، پنهنجي سياسي مفادن ??اء?? راند کيڏي ۽ سائفر جي بنياد تي ڊرامو رچايو، اهڙو ڏوهه ڪيو جنهن جي سزا هر قيمت تي ٺهي ٿي. هن چيو ته اعظم خان جو بيا?? سامهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اڳ ليڪ ٿيڻ آڊيو ۾ پيش ٿيل مؤقف جي به ??ائيد آهي. هن چيو ته ان بيان کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته ان معاملي ۾ فتني خا?? سان شاهه محمود قريشي به ??رابر جو شريڪ آهي. هڪ سازش تحت پاڪستان ۽ ملڪي ادارن خلاف نفرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته اعظم خان جي بيان مان اهو به ??ابت ٿي چڪو آهي ته ڳجهي دستاويز کي عام ڪرڻ ڏوهه آهي ته ٻئي پاسي ان دستاويز کي ان وقت جي مخالف ڌُر خلاف استعمال ڪرڻ به ??ابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڳجها دستاويز عام ڪرڻ تي اڳوڻي آمريڪي صدر کي به سزا ملي آهي. فتني خان ۽ ڏوهه ۾ شريڪ کي به ??زا ملندي. هن چيو ته 9 مئي به ??نهي سائفر جو تسلسل آهي، دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ملڪ جي عزت، مال ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪري پاڪستان ۽ دفاعي ادارن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. ان جٿي ۽ ٽولي جي هڪ ئي سازش هئي ته ڪنهن به ??رح ادارن ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو وڃي، جنهن جون واڳون پاڪستان جي اندر هجڻ سان گڏوگڏ پرڏيهه سان به ملن ٿيون. ان جٿي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيڻ ضروري ٿي چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منظرِعام تي اچڻ يا نه اچڻ اعظم خان جو پنهنجو فيصلو آهي، اسان جي ڄاڻ مطابق اعظم خان پنهنجي گهر ۾ موجود آهي. هن چيو ته هاڻي تائي?? سامهون آيل ڄاڻ مطابق اعظم خا?? سائفر سازش ۾ ملوث نه هو پر پرنسپل سيڪريٽري طور مجبور هو، ان غلطيءَ تي هن افسوس پڻ ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته رياست ۽ ادارن پنهنجي سهولت مطابق فتني خان جي گرفتاريءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي. هن شخص خلاف جاچ ٿي رهي آهي، ٺوس شاهديون به موجود آهن. پراسيڪيوشن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته فتني خان کي گرفتار ڪيو وڃي يا عدالت مان ڏوهاري قرار ڏجي، 9 مئي معاملن ۽ سائفر سازش کي قانون ۽ آئين مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته فتني خان خلاف ڪيترائي ثابت ٿيل ڪيس آهن، آخرڪار هن شخص کي پنهنجي ڪيل ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رياست جي مدعيت ۾ سيڪريٽ آفيشل ايڪٽ جي خلاف ورزيءَ تي ڪيس خاص عدالت ۾ هلندو. هن چيو ته عام چونڊ جو شيڊول ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جڏهن نگران حڪومت قائم ٿيندي ته اليڪشن ڪميشن ان جو فيصلو ڪند??. و??يراعظم شهباز شريف نگران سيٽ اپ ??اء?? مشاورت ڪري رهيو آهي، جلد اهو عمل مڪمل ٿي ويندو.