اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي حملي مان واضح آهي ته دشمن پاڪستان ۾ جمهوري نظام خلاف آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ق??م، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اسان جا محافظ دشمن جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن ک?? ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سم??ت پوري ق??م واقعي ۾ شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واقعي ج?? تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، مان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.