اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ۽ بلوچست??ن نيشنل پارٽي جي چيئرمين س??دار اختر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچس??ان سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اي??ز صادق ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ موجود هئا.