اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائ??ن پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد?? جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائ??ن پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا ا????د محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.