ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شف??ف چونڊون منعقد ڪر??ئڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلوم??ت جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران ??ڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شف??ف چونڊون ڪر??ئڻ، چونڊ عمل دوران ??يڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لاءِ پل جو ڪر??ار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلوم??ت جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شف??ف چونڊون منعقد ڪر??ئڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.