مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪ??مت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون ي??م تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. 76 هين ي??م تاسيس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ يعني الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري رهندي. 76 هين ي??م تاسيس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مظفر آباد مان 21 توپن جي سلامي سان ٿي، پاڪ فوج يوم تاسيس جي موقعي تي توپن جي سلامي ڏني. 76 هين ي??م تاسيس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر مظفرآباد پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد حڪ??مت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومتي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ??ئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم چوڌري انوارالحق پرچم ڪشائي پڻ ??ئي. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري انوارالحق ڪاڪڙ يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.