قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏينهن ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو، ان موقعي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪيو ويو. سفارتخاني طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان موجب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي نمائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ??يا.مهمان مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ??مو?? ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ??مو?? ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. مقررن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??مو?? ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قان??ني قدمن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ??مو?? ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قان??ني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ??مو?? ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏاڍ کي هوا ڏيڻ جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن غير قان??ني قدمن کي واپس وٺي. سفير ساجد بلال ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ??مو?? ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي پنهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ڀارت جي وحشياڻي قبضي مان لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.