ڪويت – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ڪويت پهچڻ تي ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد نگران ??زيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان ??وقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد ??اروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. دوري دوران ??گران ??زيراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ??لاقات ڪندو. نگران ??زيراعظم جي ڪويت جي دوري سان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.