دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي تيز رفتار فعاليت کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي ان اڳڀرائي کي ساراهيو آهي، ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن جي پهرين ڪلاڪ ۾ حيران طو?? تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ 575 ملين ڊالر جا واعدا ??يا ويا، ان ۾ يورپي يونين پاران 225 ملين ڊالر به شامل آهن. هي ڪوپ – 27 ۾ جي – 77 ۽ چائنا گروپ جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان جي اهم ڪردار کانپوءِ اهم موقعو آهي، جتي هن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو ڪيس رکيو هو. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان فنڊ جي آپريشنلائيزيشن بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ذميوار عبوري ??مي??ي جي ميمبر طور فعال طو?? تي مصروف عمل رهيو. اها ڪاميابي ڪمزور ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. پاڪستاني وفد هڪ بيان ۾ عالمي برا??ري جي تيز رفتار ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪيو جنهن موسمياتي مسئلن بابت چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ فنڊ جي اهميت کي تس??يم ڪيو. وڌيڪ اهو ته اهو سنگ ميل هڪ گڏيل ڪوشش جي رڳو شروعات آهي ڇو ته عالمي برا??ري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ وڌندڙ تعاون جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿي. جيتوڻيڪ شروعاتي واعدن ۾ 575 ملين ڊالر ماليت جا اهم اعلان ٿيا آهن پر اهو تس??يم ڪيو وڃي ٿو ته اهو تعاون آبهوا جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي درپيش بي پناهه چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ آهي. موسميات سان لاڳاپيل آفتن جي خطرن کي موثر طريقي سان گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ جي لاءِ اضافي مالي امداد ضروري آهي. ڪوپ – 28 جي جاري ڪارروائي ۾ قومن تي زور ڏنو وڃي ٿو ته اهي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ فنڊ کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي واعدن کي وڌيڪ اضافو ڪن. پاڪستان ان اهم مسئلي تي اسرندڙ ملڪن کي فعال طو?? تي شامل ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي موثر نفاذ ۽ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برا??ري سان تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي لاءِ پرعزم آهي.