اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تع??يم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻول?? جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تع??يم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽ?? جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ??اڻ??ن جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آه?? جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تع??يم جي با??ي يونيورسٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پ??ڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.