اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قادري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري ج?? جوهر ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سميت فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قادري جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ?? پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.