راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تا??ين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ??ام??اب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تا??ين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر ??فيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئر??ين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ??ام??اب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.