اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ عورتن جو مقام بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي معاشي شموليت وڌائڻ جي لاءِ عورتن کي ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول ڏيڻو پوندو، عورتن کي جائز حصو ڏيڻ ۽ محفوظ معاشرو جوڙڻ اسان جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي م??تس?? سيڪريٽريٽ جي هيڊ آفيس جي دوري جي موقعي تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي م??تس?? فوزيه وقار، سيڪريٽري عارف ڪريم ۽ م??تس?? جي عهديدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسلام عورتن کي ملڪيت جا حق ڏنا آهن، دٻاءُ جي ڪري عورتن پاران خاندانن جي ماڻهن کي ملڪيت جي منتقلي جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مناسب قانونسازي تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف جو عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ م??تس?? جي ڪيسن جي ذاتي ٻڌڻي ڪري رهيو آهيان. صدر چيو ته عورتن جي هراسمينٽ ۽ ملڪيت بابت اهم فيصلن کي مي??يا تي اجاگر ڪرڻ سان م??تس?? جي ڪردار بابت آگ??هي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، مقامي پوليس کي ملڪيت جي معاملن ۾ عورتن جي شڪايتن تي پنهنجو ردعمل بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پوليس اهلڪارن کي عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ جي شقن بابت آگ??هي ڏيڻ گهرجي، م??تس?? عورتن کي انهن جي درن تي فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي پهچ ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ وڌائي. صدر چيو ته م??تس?? تجويزون حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ غيرسرڪاري ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن سان رابطو وڌائي. هن چيو ته عورتن کي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ هراسمينٽ کان پاڪ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ معاشي ۽ سماجي خودمختياري جي لاءِ ضروري آهي، عورتن کي روزگار جي فراهمي ۽ هراسمينٽ جي خاتمي واري ايڪٽ بابت آگ??هي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري سان تعاون وڌائڻو پوندو. هن عورتن کي تيز تر انصاف فراهم ڪرڻ ۾ هراسمينٽ جي خاتمي بابت م??تس?? جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي قيادت هيٺ هراسمينٽ جي خاتمي جهڙا ادارا ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي درپيش مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ، ملڪيتي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن. ان کان اڳ هراسمينٽ جي خاتمي بابت م??تس?? فوزيه وقار عورتن جي حقن جي تحفظ ۾ م??تس?? جي ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ آگ??هه ڪيو ويو ته هراسمينٽ جي خاتمي بابت م??تس?? ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جي ??يس?? ۾ تيز تر انصاف فراهم ڪري رهيو آهي، 2023ع ۾ م??تس?? وٽ هراسمينٽ جا 725 ڪيس داخل ٿيا جن مان 517 جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته م??تس?? جي فيصلن جي خلاف هيستائين 208 اپيلون صدر وٽ داخل ڪيون ويون، رڳو 10 اپيلن تي ايوان صدر ۾ ڪارروائي جاري آهي جڏهن ته باقي اڪلايون ويون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آگ??هي جي ڪري هراسمينٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته عورتن جي هراسمينٽ، ملڪيت جي حقن کان محرومي پاڪستان ۾ عام مسئلا آهن. ان موقعي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي م??تس?? فوزيه وقار صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي م??تس?? جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيو.