اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ اع??از جو سبب آهي. اها ڳالهه هن قومي صحت واري ??گران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود ه??. پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿ?? رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي لاءِ اع??از جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقعي تي قومي صحت واري ??گران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حوالي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.