اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي ??اءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??روغ جي ??اءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي ??اءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي ??اءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.