اسلام آباد- 09 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزارت چيو آهي ته عوام ۽ ميڊيا جي لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن تائين نتيجا پهچائڻ ۾ دير بابت خدشن جو جائزو ورتو ويو آهي. ان جو سبب رابطي جي کوٽ کي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل احتياطي تدب??رن جو نتيجو هئي. گهرو وزارت جي ترجمان چ??و ته عملي ۽ بيلٽ ٻنهي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي پروٽوڪول جامع آهي جنهن ۾ چڱو وقت خرچ ٿيو، صورتحال هاڻي تسلي بخش آهي ۽ ام??د آهي ته نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري رهندو.