اسلام آ??اد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آ??اد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آ??اد ۽ آ??ِ جي اسلام آ??اد گهرو وزير سان گ?? هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي سربراهه جوناٿن سان گ?? سيف سٽي اسلام آ??اد جو دورو پڻ ڪيو جتي آ??ِ جي اسلام آ??اد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آ??ِ جي اسلام آ??اد ٻڌايو ته اسلام آ??اد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.