بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي ??در شي جن پنگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آهي. هڪ ٻئي جي ??نيادي مفادن ۽ ا??م خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي ??مايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ??عمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ??رقي کي برقرار رکيو آهي. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي ??سٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ??ي وئي آهي. هن چيو ته هو پاڪ چين لاڳاپن جي ??رقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي ??رقي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي ??وڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي ??وام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.