اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??ي ترقي، خوشحالي ۽ مهانگائي ۽ عوام جي معاشي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، 300 يوٽيلٽي اسٽورز ۽ 1200 موبائيل يونٽس جي ذريعي ڪروڙين مستحقين ۾ سستو اٽو، کنڊ، داليون، گيهه ۽ ٻيون ضرورت جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن، ان ??مل ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئ?? ويندي. هو اسلام آباد ۾ مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي معاملن وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير کانسواءِ مختلف ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم دوري دوران مستحقين سان ملاقات ڪئ?? ۽ انهن کان ??نهن جي مشڪلاتن ۽ درپيش مسئلن بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته رمضان پئڪيج حاصل ڪندڙ مستحقين کي ڪنهن به مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم ٻڌايو ته رمضان ??يليف پئڪيج جي ورڇ جي عمل جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هن اوچتو يوٽيلٽي اسٽورز جا دورا ڪيا آهن. انهن يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽو 77 رپيا في ڪلو، گيهه 100 رپيا في ڪلو سستو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ چانور، دالين ۽ کنڊ سميت ضرورتن جي شين تي پڻ 30 سيڪڙو گهٽ اگهه وصول ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. 300 يوٽيلٽي اسٽورز کانسواءِ 1200 موبائيل يونٽس جي ذريعي پڻ ڪروڙين مستحقين کي رمضان ??يليف پئڪيج جي فراهمي جاري آهي. مستحقين جا دستاويز موجود هجن ت?? بنا دير انهن تائين ضرورت جون شيون گهٽ اگهن تي پهچي وڃن ٿيون. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هن سال امداد جي رقم وڌائي 10 هزار رپيا ڪئ?? وئي. بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي لکين خاندانن کي ڪفالت پروگرام تحت 2 هزار رپيا اضافي پڻ ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم يقين ڏياريو ته يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي فراهم ڪئ?? ويندڙ شين جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪٿي ڪنهن غيرمعياري ۽ ناقص شيءَ جي شڪا??ت ملي ته سخت ڪارروائي ڪئ?? ويندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت لاڳاپيل ادارن ۽ وز??رن جي گڏيل ڪوششن سان ??مضان ??يليف پئڪيج جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي بي آءِ ايس پي تحت ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته دوري دوران کيس اهو ڏسي خوشي ٿي ته رمضان ??يليف پئڪيج جي ورڇ جو عمل بهترين طريقي سان ??اري آهي. حڪومت رمضان ۾ 12 ارب رپين سان ??ام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪندي. وزيراعظم دعا ڪئ?? ته رمضان ??لمبارڪ جي برڪت سان پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو دور اچي ۽ مهانگائي ۽ عوامي مشڪلاتن جو خاتمو ٿئي. اسان ??ڀني کي ان ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.