اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو ز??دا??ي?? نامزد صدر آصف علي ز??دا??ي، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف ??ان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي ??ان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.