راولپنڊي-16 اپريل (اي پي پي) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس فلسطيني عوام سان ??ڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي غزه ۾ انساني حقن جي سنگين خلافن ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشيءَ جي مذمت ڪئي. فورم وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇِڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڌُرين فوري طور ڇِڪتاڻ کي گهٽ نه ڪيو ته هڪ وسيع علائقائي تڪرار ??نم وٺي سگهي ٿو. فورم هٿياربند فوج جي حوصله شڪنيءَ لاءِ بدنيتيءَ تي ٻَڌل پروپيگنڊا مهم تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ زور ڀريو ته ان بي بنياد الزامن جو مقصد ع??ام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار وِجهڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ٿي، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، جن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جاري آپريشنز دوران ڪيترن ئي دهشتگرداڻن حملن کي ناڪام بڻائڻ ۽ اهم دهشتگردن جي اڳواڻن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۾ پ??ڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن کي ڪنهن به جڳهه تان ??عال ٿيڻ نه ڏين. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پوري قوم جي حماي?? حاصل آهي. هٿياربند فوج پاڪستان ??ان دهشتگرديءَ جي ان خطري کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي- انشاءَ الله. فورم بشام ۾ چيني شهرين تي بزدلاڻي دهشتگرداڻي حملي ۽ بلوچستان ۾ معصوم شهرين جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪئي. فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙيءَ طرح افغانستان ??ان سرگرم دهشتگرد ع??ائقائي ۽ـ عالمي سلامتيءَ لاءِ خطرو آهن. فورم کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته هي دهشتگرد گروهه پاڪستان ۽ ان جي اقتصادي مفادن خاص ڪري چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) خلاف پراڪسي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. فورم غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڀارتي اڳرائيءَ تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ??نهنجي ڪشميري ڀيڻن ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. فورم هٿياربند فوج جي حوصله شڪنيءَ لاءِ بدنيتيءَ تي ٻَڌل پروپيگنڊا مهم تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانون لاڳو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي بي بنياد الزام هڪ وطيرو بڻجي چڪو آهي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته ان بي بنياد الزامن جو مقصد ع??ام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار وِجهڻ جي ڪوشش آهي، اسان اهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ان خلاف قانون ۽ آئين مطابق سخت ڪارروائيءَ کي يقيني بڻايو ويندو. فورم جو ملڪ ۾ پ??ئيدار ??ماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي حاصلات لاءِ حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته پائيدار ??ماجي اقتصادي ترقي جي حاصلات ۾ غير قانوني اسپيڪٽرم خاص ڪري اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوري ۽ سمورن غير قانوني پرڏيهين جي محفوظ واپسي خلاف ڀرپور تعاون فراهم ڪنداسين. آرمي چيف فيلڊ ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته آپريشنل تياري ۽ مورال جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻائين ۽ تربيت جي اعليٰ معيار ??ريعي پيشوراڻي مهار?? حاصل ڪن.