لاهور – 03 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف وڏي ڪوششن سا?? معيشت کي سنڀاليو، اميدن جي ابتڙ مئي ۾ مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، معيشت صحيح ٽريڪ تي گامزن ٿي چڪي آهي، عام ماڻهو کي ريليف پهچائڻ جي ??اءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کان مضبوط معيشت برداشت نه ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي ??وري پارٽي ۾ قول ۽ فعل جو تضاد آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي، اسان جي حڪومت اچڻ سا?? ملڪي معيشت ۾ بهتري آئي آهي ۽ معيشت بابت سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب حڪومت جي بهتر قدمن جي ڪري مهانگائي ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي ۽ اميد جي ابتڙ مئي ۾ مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، عالمي مالياتي ادارن پڻ معيشت جي بهتري لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ورلڊ بئنڪ سميت ٻيا مالياتي ادارا اسان جي ??دمن کي ساراهي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڪاروبار بحال ٿي رهيو آهي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري پاڪستان اچي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي معيشت تي ڌيان ڏنو آهي، اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جڏهن ته ان جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن قدمن سا?? ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿيو آهي جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اسان حڪومتي خرچن ۾ واضح گهٽتائي ڪئي، هن وقت تائين ڪابينا پگهار نه وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز جي ??جڪاري طرف تيزي سا?? اڳتي وڌي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ايڪسچينج ريٽ مستحڪم نه هو، پي ٽي آءِ حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ڊيفالٽ جي ??يجهو هو، معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي، اسان خرچ گهٽ ڪيا، سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو، ملڪ کي ٻيهر معاشي ٽريڪ تي گامزن ڪيو، 29 مهينن ۾ گهٽ ترين سطح تي مهانگائي پهچي چڪي آهي جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، اسان کي سخت فيصلا پڻ ڪرڻا پيا جڏهن ته هاڻي مشڪل حالتن مان نڪري آيا آهيون، ايندڙ وقت ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. هن چيو ته مهانگائي جو سبب حڪومت پاران سنجيده قدم آهن، مئي ۾ هدف کان 15 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، هڪ مهيني ۾ پيٽرول جي ??يمت ۾ 25 رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ دوست ملڪن سا?? لاڳاپا خرب ڪيا ويا ۽ ملڪ عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار ٿيو ۽ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو پر اسان جي حڪومت اچڻ سا?? ملڪي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، حڪومت مختصر مدي ۾ آءِ ايم ايف سا?? معاهدو ڪيو، يو اي اي سا?? لاڳاپا بهتر ڪيا جنهن سا?? ملڪ ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئي. هن چيو ته سعودي عرب سا?? سيڙپڪاري جي حوالي سا?? معاملا اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ڪاروباري طبقي جو اعتماد بحال ٿيو آهي، آءِ ٽي سيڪٽر جي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پڻ جلد قوم کي وڏي خوشخبري ڏيڻ وارا آهيون، نوجوانن کي آءِ ٽي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بجيٽ جي حوالي سا?? مشاورت جاري آهي، وزيراعظم جي ترجيح آهي ته گهٽ آمدني واري طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي هڪ دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جو چين جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ ۽ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، ان حوالي سا?? تياريون مڪمل آهن، وزيراعظم جي چين جي صدر سا?? پڻ ملاقات ٿيندي جڏهن ته شين زن ۾ بزنس ڪائونسل جو پڻ انعقاد ڪيو پيو وڃي جنهن جي ??اءِ پاڪستان مان ڪاروباري وفد به چين روانو ٿي رهيو آهي، وفد چين ۾ بزنس ٽو بزنس معاهدن کي حتمي شڪل ڏيندو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 100 اهم ڪاروباري شخصيتون پڻ چين روانو ٿي رهيون آهن، وزيراعظم جي چين جي دوري جا مثبت نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ملڪ جي اندر سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ماڻهن جي ??اءِ ماحول سازگار آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو چين سا?? لاڳاپن تي سدائين فوڪس رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ تي تيز رفتاري سا?? ڪم ٿيو، وزيراعظم جي دوري سا?? سي پيڪ جي ??ڪ نئين فيز جي شروعات ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين معيشت جي حوالي سا?? سڌارن جي ڳالهه ڪئي، ملڪ ۾ سنجيده حڪومت آهي جيڪا عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ چاهي ٿي، حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ڪرڪيٽ ٽرانسميشن جي ??اءِ نئين ٽيم آڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو انهي جي ??اءِ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کان مضبوط معيشت برداشت نه ٿي رهي آهي. ملڪ ۾ سيڙپڪاري روڪڻ جي ??اءِ ٽوئيٽ ڪندڙ پنهنجي ??وئيٽ کان انڪار ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي ??وري پارٽي ۾ قول ۽ فعل جو تضاد آهي، پي ٽي آءِ جي اندر اختلاف آهن، تڪراري ٽوئيٽ جي ??عاملي تي اڌ پارٽي چوي ٿي ته ٽوئيٽ ڪيو ۽ اڌ چوي ٿي ته ناهي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي مشورو آهي ته اهي پاڻ ۾ فيصلو ڪن ته پارٽي بيانيو ڇا آهي۔ هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جا حملا ڇو ڪرايا ويا، مهذب ملڪن ۾ اهڙي طرح جا واقعا رونما ناهن ٿيندا. هن چيو ته اسان جو پورو فوڪس ملڪ کي ايشيئن ٽائيگر بڻائڻ آهي جنهن جي ??اءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا پيا وڃن، ملڪ آهي ته سڀ ڪجهه آهي، معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته چين سا?? لاڳاپا سمنڊ کان گهرا ۽ همالي?? کان بلند آهن، چائنيز شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سا?? ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، بشام واقعي جي جاچ جي حوالي سا?? چين جي حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي، حڪومت چين جي شهرين جي ??ول پروف سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي.