اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وز??را??ظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريل??ف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وز??را??ظ?? ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وز??را??ظ?? ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??را??ظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وز??را??ظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.