اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي بينڪ مهانگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪر?? لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪر?? 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي کڻي آئي. اقتصادي سروي مطابق حڪومت ط??فا?? مربوط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دوران مهانگائي جي ش??ح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت ط??فا?? سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ ط??فا?? وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪومت مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪر?? لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪر?? لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عال??ي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو رهي. عالمي سطح تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي متوقع آهي. 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.