اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لا??و ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ ر??زگ??ر فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. مل?? جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ مل?? ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لا??و ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لا??و ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لا??و ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران مل?? ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.