لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف س?? ڊي او) ۾ بر??انيا جي پارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيا?? مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي مبارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ بر??انيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني بر??انيا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون?? مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حل جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين غزه جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي حل تي زور ڀريو. بر??انوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز ايف س?? ڊي او جي دوري تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن??ي پاڪستان ۽ بر??انيا جي شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي تي پنهنجي دوري کي پڻ ياد ڪيو.