اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت مقرر آئيني مدي کانپوءِ ڪو به ميمبر هڪ پ??رٽ?? ۾ شموليت کانپوءِ ڪنهن ٻئي پ??رٽ?? ۾ شامل نه ٿي سگهندو، جيڪا پ??رٽ?? مخصوص سيٽن لاءِ پنهنجي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائيندي اها مخصوص سيٽن جي اهل نه هوندي، رٽرننگ آفيسر وٽ پ??رٽ?? ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار آزاد تصور ٿيندو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي چيئرمين رانا ارادت شريف خان، چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع تي ڪمي??ي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع غور هيٺ آڻڻ لاءِ لا??اپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر صاحبزاده صبغت الله ۽ علي محمد خان بل ۾ ترميمون پيش ڪيون جن جي قا??ون واري وزير، اعظم نذير تارڙ مخالفت ڪئي. صاحبزاده صبغت الله چيو ته هي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 119 ۽ 112 جي ڀڃڪڙي ۽ آئين جي ابتڙ آهي، اسان سمجهون ٿا ته بل جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي وسيع بنياد تي سليڪٽ ڪمي??ي جي حوالي ڪيو وڃي. علي محمد خان پنهنجي ترميم جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ درست ناهي، اڄ مون کي جيڪڏهن پنهنجو حق ملي رهيو آهي ته سڀاڻي مون کي ان حق کان محرو?? نٿو ڪري سگهجي. اهو حق اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملي چڪو آهي ان بل کي رد ڪريون ٿا، قا??ونسازي ملڪ جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي، ان بل خلاف اسان سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين. جنهن جي جواب ۾ قا??ون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته قا??ونسازي هن مقدس ايوان جو اختيار آهي ۽ هي قا??ونسازي آئين جي روح موجب آهي. اها ترميم ڪنهن جو رستو روڪڻ لاءِ ناهي، انهن جي 81 ميمبرن الله کي حاضر ناضر ڄاڻي اهو حلف نامو جمع ڪرايو هو ته سندن تعلق پي ٽي آءِ سان ناهي پر سني اتحاد ڪائونسل سان آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهڙي پ??رٽ?? جنهن ان پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هجي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. ايوان مان بل تي پهرين خواندگي جي رٿ منظور ٿيڻ بعد اسپيڪر هڪ ٻئي پويان بل جي سمورين شقن جي ايوان مان منظوري حاصل ڪئي. بل ۾ بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر رٿون پيش ڪيون جن جي قا??ون واري وزير، اعظم نذير تارڙ مخالفت نه ڪئي. ايوان مان ترميمون منظور ٿيڻ کانپوءِ بل ۾ شامل ڪيون ويون. بلال اظهر ڪياني چيو ته جيڪي ترميمون آنديون ويون آهن اهي پهريان کان ئي آئين ۾ لکليل آهن، ڪو اميدوار رٽرننگ آفيسر وٽ پ??رٽ?? ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندو ته اهو آزاد اميدوار تصور هوندو. ٻي ترميم اها آهي ته مقرر وقت تائين جيڪڏهن ڪا سياسي پ??رٽ?? پنهنجي مخصوص سيٽن جي ترجيح فهرست جمع نه ڪرائي ته اها مخصوص سيٽن لاءِ اهل ناهي جڏهن ته ان کانسواءِ ٽئين ترميم اها آهي ته جيڪڏهن هڪ دفعو ڪو آزاد اميدوار چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن پ??رٽ?? ۾ شموليت اختيار ڪري وٺو ته پوءِ ڪنهن ٻي پ??رٽ?? ۾ شامل نٿو ٿي سگهي. اهي شقون آئين ۽ قا??ون ۾ موجود آهن. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.