اسلام آباد ??? 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، فينه پُ?? جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحا?? جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃ?? ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.