اسلام آباد – 20 – ??گس?? (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪري نشان حيدر ماڻيندڙ پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. سڄي قوم راشد منهاس شهيد جي شهادت جي جذبي، حب الوطني ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته راشد منهاس شهيد جهڙن بهادر نوجوانن تي قوم کي فخر آهي. سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند آهي ۽ هو شهيد جي قرباني کي ياد رکندي. صدر آ??ف علي زرداري راشد منهاس شهيد جي بلند درجن جي دعا ڪئي.