اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ??ين??ڙ 28 پاڪستاني زائرين جون ميتون خصوصي جهاز ذريعي جيڪب آباد پهچايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي رابطا آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايران ۾ 20 آگسٽ تي ??ين??ڙ ان بس حادثي ۾ زخمي ??ين??ڙ 16 پاڪستاني زائرين کي به انهي خصوصي جهاز ذريعي واپس آندو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن کي روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ايراني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستاني زائرين حاد??ي متاثرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ مڪمل معاونت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ??ين??ڙن جي مغفرت جي لاءِ دع?? ڪئي.