راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻا??ڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پيپلز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو و??و، علائقائي سلامتي، فوجي تربيت ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي علامت آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر جي اي?? ڪيو ۾ شهيدن جي يادگ??ر تي گل چاڙهيا. جي اي?? ڪيو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي پاڪ فوج جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي.