اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اح??ن اقبال چيو آهي ته هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تح??ظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سي??ڙو عورتن جي شموليت نه هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف رٿابندي وزارت جي قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ۾ رٿابندي وارو سيڪريٽري ۽ وزارت جي سمورن عورتن شرڪت ڪئي. پروفيسر اح??ن اقبال هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تح??ظ فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اسان حڪومت ۾ ايندي عورتن کي قومي ترقي ۾ شموليت و??ائڻ لاءِ جينڊر يونٽ قائم ڪيو ته جئين عورتون آفيسن ۾ تح??ظ جي اح??اس سان ڪم ڪري سگهن ۽ رٿابندي وزارت عورتن کي پنهنجي لاءِ ڪم ڪرڻ جي محفوظ ترين جاءِ لڳي. هن چيو ته نياڻين لاءِ بهترين ڊي ڪيئر بڻايو ته جيئن ذهن?? سڪون سان ڪم ڪن. هن جو چوڻ هو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سي??ڙو عورتن جي شموليت نه هوندي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته رٿابندي وزارت کي عورتن لاءِ رول ماڊل بڻايو وڃي. هتي ڪنهن عورت سان امتيازي سلوڪ نه هوندو. اجلاس ۾ موجود رٿابندي وزارت جي سمورين عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن وفاقي وزير سان پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو.