اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چي??پئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تع??يف ڪئي ?? ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دو??ي سان مقابلي لاءِ پُرعزم آهي، چي?? ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ تيار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چي?? ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چي??پئن شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئرمين چي?? ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.