اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اهم قدمن تحت مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي بنياد تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواصلات واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق موٽرويز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لاءِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس جي فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پي?? وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان ??يو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين لاءِ موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ کي وڌ کان وڌ محفوظ هجڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪي?? وڃن. مواصلات واري وفاقي وزير اين ايڇ اي سان مالي استحڪام لاءِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي ??يو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سرڪا??ي فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي نيشنل ٽر??نسپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ٽاسڪ ڏنو ۽ ه??ايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ويز تي ٽرڪن جي وڊيو سرويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي روڊ تي لاڳو ڪي?? وڃي ۽ فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪي?? وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.