اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ وزيرستا?? ۾ ??تن?? الخوارج جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگر??ن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر اتر ۽ ڏکڻ وزيرستا?? ۾ ??ختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ ??تن?? الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڪارروا??ن دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکنداسين. هن چيو ته پوري قوم دهشتگر??ن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهي??ن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ شهي??ن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.