نيو??ار?? – 24 – سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيو??ار?? ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ نيو??ار?? پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص مع??ون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پ??را?? ميمبر ملڪن جي سربراهن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف ملڪن جي سربراهن سان غيررسمي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تع??ون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.