اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهم??نن کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ گيت رليز ڪري ڇڏيو. گِيت ۾ پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتي ورثي ۽ مهمان نوازي جي روايت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ان گيت جي عڪسبندي ۾ پاڪستان جي خوبصورت جاين، تا??يخي ۽ اهم عمارتن ?? گهڻ رُخي ثقافت ??ي وڏي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي محنت، لگن ۽ جذبي کي پڻ تمام خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ناليواري گ??وڪار عمير جسوال جي آواز ۾ نغمو ”خوش آمديد“ جي ٻول ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي مهمان نوازي ۽ ايس سي او ملڪي سربراهن کي ڀليڪار چوڻ جو جذبو سمايل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو گيت مهم??نن کي پاڪستان جي ثقافت کان روشناس ڪرائيندو ۽ ان جي دلين ۾ پاڪستان جي لاءِ محبت پيدا ڪندو.