اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف وڏي مقدار ۾ ڀارت ۾ تيار ٿيل نشي آور گوريون ۽ منشيات جي اسمگلنگ ج?? ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي همٿائيندي چيو آهي ته مون سميت سڄي قوم کي ملڪي سامونڊي ??دن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جا آفيسر ۽ اهلڪار نه رڳو پاڪستاني سامونڊي ??دن جي حفاظت پر خطي ۾ غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ملڪي سامونڊي ??دن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي.