اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير راڻا تنوير حس??ن سان پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه ج?? سفير عرفان نيزير اوگلو ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??ال??ه جاري بيان موجب زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ ٻه طرفن ناتن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻه ناتا آهن. ٻنهي ملڪن کي واپاري ڳاڻيٽي کي وڌائڻ گهرجي. و??اي وزير چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪل مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ ترڪش ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون. ترڪيه ج?? سفير چيو ته ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.