ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضل??ي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو عمل ۽ بربريت آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو ??حفظ ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد ٿيل شهرين جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو ??ظهار پڻ ڪيو.