اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۾ غيرقانوني ڀرتي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون دوران مرڪزي جوابدار ارشد ??وڌ??ي سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي ڊائريڪٽر شهزاد بخاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل خان نيازي جي نگراني ۾ مختلف ذري??ن کان ملندڙ شڪايتن تي اسڪينڊل جي ج??چ جي شروعات ڪئي وئي. جاچ ۾ بدعنواني ۽ دوکيبازي جو هڪ پيچيده ڄار بي نقاب ٿيو جنهن ۾ مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد ??وڌ??ي ان اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار جي طور تي سامهون آيو. سب انسپيڪٽر احتشام گو??دل غيرقانوني ڀرتين جي اسڪينڊل ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن ۾ تيمور ارشد، فواد احمد خان، سعد يوسف ۽ قيصر جاويد شامل آهن جڏهن ته اسڪينڊل جي مرڪزي جوابدار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد ??وڌ??ي کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاريون ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن خصوصي جج سينٽرل اسلام آباد گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار مبينا طور تي وڏي پئماني تي ڀرتي اسڪينڊل ۾ ملوث هئا جنهن ۾ انهن فنڊز جو غبن ڪيو ۽ ڀرتي جي عمل ۾ بي ضابطگيون ڪيون. ان اسڪينڊل جي ڪري اي پي پي سي ۽ قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان پهتو ۽ ڀرتي جي عمل جي شفافيت تي سوال اٿيا. ايف آءِ اي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جن ۾ ارشد مجيد ??وڌ??ي شامل آهي ۽ ان اسڪينڊ جي مڪمل حد تائين ج??چ جي لاءِ وڌيڪ ج??چ جاري آهي. ادارو غبن ٿيل فنڊز جي وصولي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد بدعنواني جي خاتمي ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ادارو شهرين کي اپيل ڪري ٿو ته اهي بدعنواني يا ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي اطلاع ڏين ۽ يقين ڏياريون ٿا ته سمورين شڪايتن جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ان تي عمل ڪيو ويندو.