اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات
واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته يورپ لا??ِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن
اداري جي نجڪاري لا??ِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آ??ري??ا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪاري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ??ه هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ??ه هو يورپ لا??ِ پي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آ??ري??ا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ
اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا آهن، هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لا??ِ آءِ ايم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو آهي، نون جهازن جي خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لا??نز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگي کانسواءِ وڪرو ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته انهن سڌارن
کانپوءِ انويسٽرز لا??ِ پي آءِ اي جي خريداري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پرائيويٽائيزيشن لا??ِ معاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.