اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان صنفي مساوات باب?? آسٽريلوي سفير ڪوپس ڪيمبل ڪالهه هتي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني صنفي مساوات ۽ ع??رت?? جي اختيارن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ڳالهين ۾ قانونسازي جي فريم ورڪ، حڪومتي ۽ نجي شعبن ?? عورتن جي اڳواڻيءَ واري ڪردار ۾ واڌ ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. وف??قي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت پاليسي سڌارن، صلاحيتن جي تعمير جي قدمن ۽ ع??رت?? لاءِ هڪ جامع سماجي ۽ اقتصادي ماحول جي قيام جي عزم تي زور ڀريو. هن ”پرائيم منسٽر وومن ايمپاورمينٽ پيڪيج 2024ع“ تي روشني وڌي جيڪا ڪم ڪندڙ ع??رت?? لاءِ پيشوراڻي تربيت، قائداڻين صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، مائڪرو فنانس اسڪيمن ۽ ع??رت?? لاءِ چُرپُر ۽ معاشي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ”وومن آن وهيلز“ جهڙن منصوبن تي ٻَڌل آهي. وف??قي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان جاري حصيدارين کي به اجاگر ڪيو جنهن ۾ صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي به شامل آهي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد خطرناڪ صنفي روين کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور شامل ڪرڻ آهي. هن ع??رت?? جي اختيارن جي رستي ۾ ثقافتي رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. اسٽيفني ڪوپس ڪيمبل ان ڪوششن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشرتي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ع??رت?? جي اڳواڻن ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ برابري واري شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن صنفي حساس پاليسين کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ?? عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن منصوبن لاءِ آسٽريليا جي تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌُرين هڪ جامع ۽ مساوي معاشري جي تعمير لاءِ مسلسل سهڪار ۽ عالمي اتحاد جي اهيمت تي زور ڀريو.