اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي ??ي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير مح??ن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي ا??ين گنڊا پور سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير مح??ن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي ا??ن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير پشاور ۾ وزيراعليٰ آفيس جو دورو ڪيو جتي وزيراعليٰ خيبر پختونخواه سندس آجيان ڪئي. ملات دوران گهرو وزير مح??ن نقوي خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ??دارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام اسان جي ترجيح آهي، سمورين ڌرين جي مشوري سان ڪرم ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو وزير مح??ن نقوي ۽ علي ا??ين گنڊاپور دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ??دارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته شهيد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن سندن قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي چيو ته شهيدن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين.